پرهياڙ محمد صديق

پرهياڙ، محمد صديق: محمد صديق ولد محمد هاشم پرهياڙ 1936ع ۾ ڳوٺ گهنور پرهياڙ (موجوده تعلقي قاضي احمد، ضلعي نوابشاهه) ۾ پيدا ٿيو. استاد محمد عثمان ڀنگر جي ديني مدرسي ۾ قرآن شريف، فارسي ۽ عربيءَ جي ابتدائي تعليم ورتائين. هو سنڌي فائنل ۽ سنڌي اديب فاضل پاس هو. 1956ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن ۾ 1964ع کان وٺي آخر تائين مختلف عهدن تي رهيو. ضلعي نوابشاهه جو صدر، تعلقي موري ۽ ضلعي نوابشاهه جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. هن کي ابتدا کان وٺي ڊرامن سان دلچسپي هئي. 1957ع ۾ موري ڀرسان سن ساوڙيءَ ۾ مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو ’ليلا مجنون‘ ۽ 1959ع ۾ انگريزي ڊرامي ’ٽيلسمن‘ جو ترجمو ٿيل ڊرامو اسٽيج ڪيائين. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ شاهه عبداللطيف آرٽس ڪائونسل مورو قائم ڪري، ان طرفان 300 کان مٿي ڊراما اسٽيج ڪيائين. خود به سٺو ڊرامانگار هو. هن جا 200 کن ڊراما لکيل آهن ۽ هڪ ئي وقت هدايتڪار، صداڪار ۽ اداڪار هو. سندس ڊرامئٽڪ سوسائٽيءَ ۾ ڪيترا استاد ۽ فنڪار شامل هئا. هن جي اسٽيج ڊرامن مان هيٺيان مشهور آهن: ’جـاهل‘، ’چرٻٽ جو موت‘، ’عمر مارئي‘، ’پٿر‘، ’ميان نور محمد ڪلهوڙو‘، ’عمـر مـارئي‘، ’سسـئي پنهـون‘، ’لـيـليٰ مجنـون‘، ’مـارئيءَ جـون سـت راتيـون‘، ’ڪـاتيءَ هيٺـان ڪـنـڌ‘، ’طـوفان جي تمـنـا‘، ’محنت جو ڦل‘، ’ميندي رتا هٿ‘، ’قرباني‘، ’آخري گولي‘، ’ڪين چريءَ کي چور‘، ’دوست دشمن‘ ۽ ’سونٽي کي سلام‘. محمد صديق پرهياڙ، سنڌي ادبي سنگت موري جو سيڪريٽري رهيو ۽ ڪيترا ادبي ۽ ثقافتي پروگرام ڪرايائين. موري جي علمي ۽ ادبي حلقي ۾ وڏي عزت ۽ اهميت حاصل هئس. کيس پنجن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي. محمد صديق پرهياڙ، دم جي بيماري سبب 25 اپريل 2008ع تي موري ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو